تقسيم کان تقسيم تائين

تقسيم کان تقسيم تائين (ڪتاب ):سياسي تاريخ تي هي ڪتاب نامور صحافي ۽ ليکڪ شيخ عزيز جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن ملڪ جي سياسي تاريخ لکي آهي. ليکڪ سڄي ڪتاب ۾ تحقيق جي عالمي اصولن جي پيروي ڪندي ڪٿي به تعصب يا طرفداريءَ جو شڪار نه ٿيو آهي ۽ گڏوگڏ سنڌ جي مجموعي مفادن جي ڳالهه توڙي ملڪ کي صحيح رستي تي آڻڻ جو نقطئه نظر بيان ڪندي هٻڪ محسوس نه ڪئي آهي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ذڪر سان شروع ٿيندڙ هن ڪتاب ۾ ڀٽي بابت ليکڪ لکي ٿو ته ”پاڪستان جي جديد تاريخ ڀٽي کان ئي شروع ٿي“. سندس ٻيو مضمون ”سياست جا رنگ“ جي سري سان آهي، ٽئين باب ۾ قيام پاڪستان کان پوءِ ٿيل لڏپلاڻ جو جائزو وٺي ٿو. اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ آئين جي تياري ۾ بنيادي اختلافي رڪاوٽن بابت، آئين سازي ۽ سازشن جي ابتدا کي پڙهبو ته سڄي ڳالهه واضح ٿيندي نظر ايندي. 35 بابن ۾ ورهايل هي ڪتاب هندستان جي ورهاڱي ۽ پوءِ 1967ع ۾ پاڪستان جي ورهاڱي تائين سڄي تاريخ کي پاڻ ۾ سمائي ويٺو آهي. هي ڪتاب پڪي جلد ۾ 416 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 400 رپيا آهي ۽ هي ڪتاب باک پبليڪيشن ڪراچي پاران شايع ڪيو ويو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو